دارو جي راجا

دارو جي، راجا: ڪتاب ’ترخان نامه‘ ۾ ميرزا عباس علي بيگ لکي ٿو ته: ”جڏهن اڪبر بادشاهه جي حڪم تي ميرزا عبدالرحيم خان خانان سنڌ تي حملو ڪيو، تڏهن ميرزا جاني بيگ وڏي بهادريءَ سان سندس مقابلو ڪيو. ’خان خانان‘ جي هٿ هيٺ مختلف فوجي جرنل هئا، جن ۾ راجا دارو جِي به وڙهي رهيو هو. راجا داروجي ايڏو ته بهادر ۽ دلير هو، جو هو هميشه بنا زرهه ۽ ڍال جي وڙهندو هو ۽ هڪ ئي وار سان گھٽ ۾ گھٽ چار پنج مخالف قتل ڪري وجھندو هو. داروجي پنج هزاري منصب تي فائز هو. جڏهن ميرزا جاني بيگ، راجا داروجيءَ جي لشڪر تي حملو ڪيو ته راجا داروجي مخالفن جي وچ ۾ گھيرجي ويو، پر پوءِ به وڙهندو رهيو، انهيءَ دوران کيس شديد زخم رسيا ۽ هن پنهنجي سپاهين کي حڪم ڏنو ته جلد مون کي منهنجي خيمي ۾ پهچايو. راجا داروجي ڪجهه هفتن جي علاج کانپوءِ ٻيهر وڙهڻ جي قابل ٿيو. اهو واقعو 1000هه/1591ع جو آهي.“


هن صفحي کي شيئر ڪريو